اڱارو, 02 آگسٽ 2011 07:07
لکندڙ Administrator
زڪوات جي اهميت، فائدا
۽ احڪام ومسائل
عبدالقادر رحماني
خُذْ مِنْ اَمْوَالِهِمْ صَدَقَـةً تُطَهِّرُھُمْ وَتُزَكِّيْهِمْ بِهَا وَصَلِّ عَلَيْهِمْ ۭ اِنَّ صَلٰوتَكَ سَكَنٌ لَّھُمْ ۭ وَاللّٰهُ سَمِيْعٌ عَلِيْمٌ ١٠٣ (التوبة: 103)
لغت ۾ لفظ زڪوات جون ٻه معنائون آهن: (1) ڪنهن به شيءِ جو وڌڻ (2) پاڪ ۽ صاف ٿيڻ. (المعجم الوسيط 1/398) قَدْ أَفْلَحَ مَنْ زَكَّاهَا. تحقيق ڪامياب ٿيو اهو شخص، جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو. (الشمس آيت: 9)
انهن ٻنهي معنائن جي پيش نظر مال جو اهو حصو جيڪو سال گذرڻ جي بعد ۽ نصاب کي پهچڻ کان پوءِ مال مان بطور فرض ۽ وجوب جي ڪڍيو وڃي. انهيءَ کي زڪوات چوندا آهن، ڇو ته انهيءَ زڪوات جي ذريعي زڪوات ادا ڪندڙ جون نيڪيون وڌنديون آهن ۽ انهيءَ جي مال ۾ برڪت پونديآهي ۽ اهو خود گناهه ۽ بخل کان ۽ ان جو مال خبث ۽ حرام کان پاڪ ۽ صاف ٿيندو آهي.
وڌيڪ پڙهو...